پ پ شھيد ڀٽو اڳواڻ مراد چانڊيو جي ورسي تقريب،خراج پيش

پ پ شھيد ڀٽو اڳواڻ مراد چانڊيو جي ورسي تقريب،خراج پيش

وارھ(پ ر) وارھ ۾ پ پ شھيد ڀٽو اڳواڻ مراد چانڊيو جي ورسي تقريب، مراد شھيد مرتضيٰ ڀٽو جي قافلي جو سچو سپاھي هيو: عنايت عمراڻي. خبر موجب پ پ شھيد ڀٽو جي سينئر اڳواڻ ڪامريڊ مراد چانڊيو جي 2 ورسي وارھ ۾ پارٽي پاران ملهائي وئي جنهن ۾ پ پ شھيد ڀٽو جي اڳواڻن سميت علائقي جي سياسي، سماجي تنظيمن جي اڳواڻن ۽ شھرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ورسي تقريب کي خطاب ڪندي پ پ شھيد ڀٽو جي مرڪزي اڳواڻ عنايت علي عمراڻي، محمد جان بروهي، اي جي پي اڳواڻ حريف چانڊيو، ڪامريڊ محمد صلاح چانڊيو، ذوالفقار صاحباڻي، منير بروهي، علي رضا پليپوٽو، وهاب ڇٽو، اصغر ميراسي، سنڌي ادبي سنگت جي اڳواڻ نجيب چانڊيو، عوامي تحريڪ اڳواڻ عرفان منان، جي يو آئي اڳواڻ محمد صديق مڱڻيجو، ۽ ٻين چيو ته محمد مراد چانڊيو هڪ ڪميٽيڊ سياسي اڳواڻ هو جنهن شھيد مير مرتضيٰ ڀٽو سان ديوانگيءَ جي حد تائين پيار ڪيو ۽ گذريل ٻن ڏھاڪن کان وٺي عوام سان ٿيندڙ انياءَ، پورهيت طبقي جي استحصال ۽ غير جمهوري فيصلن کان لڳاتار جدوجهد ڪئي ۽ ڪڏھن به پنهنجي مقصد تان هٿ نه کنيو هنن چيو ته محمد مراد چانڊيي جهڙا صالح سياسي ڪارڪن نه رڳو تنظيمن جي ميراث ٿيندا آھن پر اهي مجموعي طور سڄي سماج لاءِ به اتساھ ۽ اميد جو ڪِرڻو هوندا آھن هُو پنهنجي سچائي ۽ سياسي پورهيي سبب هميشه ياد رکيو ويندو. ان کان اڳ پ پ شھيد ڀٽو اڳواڻن مراد چانڊيي جي مزار تي گلن جي چادر چاڙھي سلامي ڏني.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو