ڏهرڪي (ن س) ڏھرڪي پ پ سنڌ دشمن پارٽي آهي جنهن هميشه ڌارين جي سهولت ڪار رهي آهي ڌارين کي آباد ڪرڻ پ پ ڪراچي ۾ لاءِ ڪالونين ٺاهي آباد ڪيو آهي. ڪارونجهر جبل سنڌ جي هزارين سالن جي ثقافت آهي جنهن کي ڪٽڻ جي مذمت ڪيون ٿا. افغاني پٺاڻن کي سنڌ مان نيڪالي ڏيڻ لاءِ گو افغاني گو تحريڪ هلائي ويندي. اهڙن خيالن جو اظهار جسقم جي سينئر اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي رواداري تحريڪ سنڌ جي صدر پنهل ساريو جسقم اڳواڻ آصف راهوجو نصرالله ڪلادي ڏهرڪيء ۾ شر هائوس پهچي اياز خان شر سان سندس ڀاڄائيء جي وفات تي ۽ جسقم ضلع اڳواڻ مير حسن لاشاري سان سندس والد جي وفات تي ڳوٺ رسول بخش لاشاري پهچي تعزيت ڪئي جسقم مرڪزي اڳواڻ اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي ڳوٺ رسول بخش لاشاري ۾ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته پ پ سنڌ دشمن پارٽي آهي جنهن هميشه سنڌ ۾ ڌارين کي آباد ڪرڻ لاءِ پڪيون ڪالونيون ٺاهي آباد ڪيو آهي سنڌ ۾ ڌارين جي يلغار ۽ خاص طور تي بنگالين بهارين ۽ ٻين ڌارين پاران سنڌي ماڻھن جي لڳاتار قتل عام جي مذمت ڪيون ٿا ۽ گهر ڪيون ٿا تہ مقتولن جي وارثن سان انصاف ڪيو وڃي ۔ هنن وڌيڪ چيو ته ڪارونجهر جبل سجي ڪٽائي کي سنڌ جي تهذيبي ورثي تي وار قرار ڏنو ۔ ۽ ڪٽائي ۾ پ پ جي مقامي چونڊيل نمائندن کي ڪارونجهر جي قيمتي پٿر جي نالي ۾ تباهي جو ذميوار قرار ڏنو ۔ هنن چيو ڌارين جي نيڪالي لاء جلد سڄي سنڌ ۾ گو افغاني گو تحريڪ هلائي ويندي










