پ پ جو 15 سالا اقتداري دور سنڌ جي تاريخ جو بدترين دور آهي

پ پ جو 15 سالا اقتداري دور سنڌ جي تاريخ جو بدترين دور آهي

حيدرآباد (پ ر ) عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار، مرڪزي نائب صدر ايڊووڪيٽ ساجد حسين مهيسر، مرڪزي جوائنٽ سيڪريٽري ستار رند، مرڪزي اڳواڻ ايڊووڪيٽ آصف کوسو ۽ گهنور خان زئور پنهنجي گڏيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته پيپلز پارٽي جو 15 سالا اقتداري دور سنڌ جي تاريخ جو بدترين دور آهي. 2008 کان هن وقت تائين سنڌ جي لکين ايڪڙ زمينن تي قبضا ڪيا ويا. لکين افغاني دهشتگرد ۽ ٻيا ڌاريا ڪراچي سميت سنڌ جي مختلف شهرن ۾ آندا ويا آهن. دهشتگردن جي ساٿ سان سنڌ جي شهرن ۾ بدامني جي باھ ٻاري ويئي آهي. سنڌ ۾ ڌاڙيلن کي تيار ڪري سنڌين کي هر طرف کان سوڙهو ڪيو ويو آهي. هزارين بيگناھ نياڻين، عورتن کي ناحق قتل ڪيو ويو آهي. سنڌ سموري هڪڙي اوڙاهه ۾ اڇلائي ويئي آهي. اڳوڻن چيو ته سنڌ جي زمينن، وسيلن ۽ مال ملڪيت تي ڌارين کي قابض ڪرڻ ۾ پيپلز پارٽي سندن سهولتڪاري جو ڪردار ادا ڪيو آهي. پيپلز پارٽي وارن ڪرسي عيوض سنڌ جو انچ انچ ڌارين کي لکي ڏئي ڇڏيو آهي. اڳواڻن چيو ته پيپلز پارٽي سرڪار سنڌين جون قديمي وسنديون ڊاهي پٽ ڪري، سنڌ جون زمينون قبضاگيرن حوالي ڪري سنڌ دشمني جا نوان مثال قائم ڪيا آهن. پيپلز پارٽي سنڌ جي زمينن ۽ وسيلن جي نيلامي جي منڊي لڳائي ايوب خان جي بدترين آمريتي دور کان به وڌيڪ سنڌ جون زمينون نيلام ڪيون آهن. پيپلز پارٽي جمهوريت جي نالي ۾ سنڌي عوام مٿان ظلم، جبر ۽ بربريت جا نوان رڪارڊ قائم ڪيا آهن. پيپلز پارٽي جو 15 سالا اقتداري دور سنڌ جي زمينن ۽ وسيلن جي نيلامي جو ڪارو باب آهي. اڳواڻن وڌيڪ چيو ته سنڌ جي حڪمرانن ڪوهستان، ڪارونجهر، ڪاڇو، کير ٿر جبل، ڪچي، ٿر، بر ۽ سامونڊي ٻيٽن مٿان ڌارين کي قابض ڪري ڇڏيو آهي. اڳواڻن وڌيڪ چيو ته ڪوهستان جي صوفن جاکرو ڳوٺ مٿان پوليس ۽ قبضا مافيه جي گڏيل فائرنگ جي مذمت ٿا ڪريون. سنڌ پوليس ڌاڙيل اڳيان ڪڪڙ ٿيو وڃي، باقي عوام مٿان ڪڙڪي ٿي پئي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو