خيرپور ناٿن شاھ:(ن س) پيپلز پارٽي جي نئين چونڊيل ايم پي اي انجنيئر عبدالعزيز جوڻيجو جون آخري رسمون اباڻي ڳوٺ علي بخش جوڻيجو ۾ اهل علاقي جي سوين ماڻهن جنازي ۾ شرڪت ڪئي، سندس مڙهه کي سوين آلين اکين سان ڳوٺ علي بخش جوڻيجو ۾ مٽيءَ ماء حوالي ڪيو ويوانجنيئر عبدالعزيز جوڻيجو گھڻو وقت بيمار هجڻ سبب ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ وفات ڪري ويو هو عبدالعزيز جوڻيجو 7 ڊسمبر 1961 ۾ چار ڀيرا صوبائي اسمبلي جي ميمبر رهندڙ الحاج امير بخش جوڻيجو جي گھر ۾ جنم ورتو. عبدالعزيز جوڻيجو شعبي جي لحاظ کان ايريگيشن ۾ سپرنٽينڊنٽ انجنيئر رهيو. خانپور جوڻيجو مهمان نوازي جي لحاظ کان پوري سنڌ ۾ مشهور آهي الحاج امير بخش جوڻيجو جي وفات کانپوء انجنيئر عبدالعزيز جوڻيجو ان مهمان نوازي کي جاري رکيو.انجنيئر عبدالعزيز جوڻيجو 2012 ۾ سرڪاري نوڪري تان استعيفيٰ ڏئي 2016 ۾ خيرپور ناٿن جي صوبائي تڪ تان سنڌ اسمبلي جي سيٽ تي پيپلز پارٽي جي ٽڪيٽ تان ڪامياب ٿيو عبدالعزيز جوڻيجو 2018 ۽ 2024 ۾ به پيپلز پارٽي جي ٽڪيٽ تان ڪاميابي ماڻي.دادو ضلعي جي ايم اين اي رفيق جمالي، ايم پي اي فياض علي ٻٽ، پ پ اڳواڻ ڊاڪٽر اسد علي لغاري ، ڊاڪٽر خليل سڪندر کوهارو، دادو انفارميشن سيڪريٽري ممتاز علي جوکيو، تعلقه صدر اعجار حسين چانڊيو، رئيس امداد علي گاڏهي، سيد اظهر حسين، سيد معظم علي، سيد صابر علي، ذوالفقار علي جتوئي، ڊاڪٽر دمساز علي ٻٻر ۽ تڪ جي ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.










