ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي نگران صوبائي گهرو وزير حارث نواز چيو آهي ته ڪراچي ۾ ٻن سياسي جماعتن جي جهيڙي دوران هڪ ڄڻو مارجي وڃڻ ۽ ٻيو زخمي ٿيڻ واري واقعي جا جوابدار گرفتار ڪيا ويا آهن،سنڌ جي نگران گهرو وزير حارث نواز ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته نارٿ ناظم آباد جي علائقي ۾ پيش آيل واقعي جي ايف آءِ آر داخل ڪري اسان سخت پيغام ڏنو آهي،حارث نواز ڪراچي سينٽرل جيل ۾ قيدين سان ملاقات لاءِ ايندڙ وارثن جي سهولت لاءِ ايپ جو افتتاح ڪري ڇڏيو آهي، ايپ ذريعي شهري جيل ۾ قيد پنهنجن پيارن سان ملاقات لاءِ آن لائين اپوائنٽمينٽ وٺي سگهندا، حارث نواز چيو ته سنڌ ۾ هٿيارن جي نمائش تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي، ڪچي ۾ 13 مغوي ڊرائيورن کي حفاظت سان بازياب ڪرايو ويو آهي، باقي ٽن مغوي ڊرائيورن جي بازيابي لاءِ به ڪارروايون ڪيون پيون وڃن










