ٽنڊورحيم خان (ميرمرتضي لاشاري) سئي سدرن گئس ڪمپني پاران مزدورن کي گهٽ پگهار ڏيڻ خلاف جنگواڻي جمالي برادري جو ڪمپني ڏانهن ويندڙ روڊ تي ڌرڻ، احتجاج. ان موقعي تي اڳواڻي ڪندڙ احسان جنگواڻي، وسيم، منيراحمد، پيرل، ذوالفقارعلي، سيف الله، امجد، فرمان جنگواڻي ۽ ٻين چيو ته سئي سدرن گئس ڪمپني اسان جي ڳوٺ ۾ ڪم ڪرڻ باوجود اسان کي روزگار ڏيڻ کان مسلسل کتو جواب ڏيندي پئي اچي ۽ اسان جي ڪجهه ماڻهن کان 20 ڏينهن جو ڪم وٺي صرف ڏھ ڏينهن جي پگهار ڏني وئي جيڪا اسان سان سراسر ظلم آھي. هنن سئي سدرن گئس جي بالا آفيسرن سميت چيف جسٽس سميت وس وارن کان مطالبو ڪندي گهر ڪيو ته سئي سدرن پاران مقامي ماڻهن سان زيادتين جو في الفور نوٽيس وٺي انصاف ڏياريو وڃي.










