پي ڊي ايم پاران 11 آڪٽوبر تي جلسو ڪرڻ جو اعلان

اسلام آباد ( بيورو رپورٽ) اپوزيشن جي اتحاد پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ حڪومت مخالف تحريڪ جي سلسلي ۾ پهريون جلسو 11آڪٽوبر تي ڪوئيٽا ۾ ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. اجلاس بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي شاهد خاقان عباسي، راجا پرويز اشرف، مولانا غفور حيدري ۽ ٻين شهبازشريف جي گرفتاري جي مذمت ڪندي ان کي سياسي انتقام قرار ڏنو. هنن چيو ته اڄ کان پي ڊي ايم جي تحريڪ جي باقاعده شروعات ٿي چڪي آهي. هي تحريڪ غير جهموري قوتن کي شڪست ڏيندي ۽ سليڪيٽڊ حڪومت جي خاتمي تائين جاري رهندي. اپوزيشن اڳواڻن تنقيد ڪندي چيو ته وفاقي وزير ٽي وي تي اچي گرفتارين جي اڳڪٿي ڪن ٿا، نيب نيازي ڳٺ جوڙ عوام آڏو وائکو ٿي چڪو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو