ننڍي چونڊ جو بائيڪاٽ، پي ڊي ايم جي صلاح تي پي پي جي مشاورت

ننڍي چونڊ جو بائيڪاٽ، پي ڊي ايم جي صلاح تي پي پي جي مشاورت

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ (پي ڊي ايم) طرفان ننڍي چونڊ ۾ حصو نه وٺڻ جي تجويز تي پ پ مشاورت جو فيصلو ڪيو آهي.ذريعن موجب پ پ طرفان ننڍي چونڊ لاءِ پنهنجي نامزد اميدوارن سان مشاورت ڪئي ويندي.ذريعن جو چوڻ آهي ته نامزد اميدوارن سان مشاورت کانپوءِ ننڍي چونڊ ۾ حصو وٺڻ يا نه وٺڻ بابت فيصلو ڪيو ويندو.واضح رهي ته هڪ ڏينهن اڳ پ پ قيادت سان پي ڊي ايم اڳواڻن جي ورچوئل ميٽنگ ٿي هئي، جنهن ۾ پي ڊي ايم اڳواڻن پ پ کي ننڍي چونڊ ۾ حصو نه وٺڻ جي تجويز پيش ڪئي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو