لاهور (ويب ڊيسڪ)پنجاب جي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي چيو آهي ته پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ (پي ڊي ايم) جو موقعي پرست اتحاد جلد ختم ٿي ويندو. پنجاب جي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي سان پنجاب اسيمبلي ميمبرن محمد افضل ۽ احسان الحق ملاقات ڪئي، جنهن ۾ مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. هن چيو ته عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ اسان جو هر قدم کنيو پيو وڃي، پ پ پ ٻوڏ سميت هر اهم موقعي تي سياست ڪئي، پ پ جو موقعي پرست اتحاد جلد ختم ٿي ويندو، مخالفن جيڪي پوکيا هئا، اهي هاڻي کٽي رهيا آهن. ان کان علاوه پنجاب جي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي ڪرپشن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته سڀ کان وڏي برائي ڪرپشن آهي ۽ ان جو علاج شفافيت آهي. هن چيو ته ڪرپشن جي قيمت عام ماڻهو کي ادا ڪرڻي پوندي آهي، پبلڪ سيڪٽر کي ايمانداري، شفاف ۽ احتساب جو پابند بڻائڻو پوندو، اسان جي حڪومت ڪرپشن خلاف زيرو ٽالرنس جي پاليسي اختيار ڪئي آهي ۽ ڪرپشن کي آزاد ادارو بڻايو آهي.










