دڙو (ن سنڌ يار) پ پ سجاول ضلعي جي تنظيم ۾ ڪي به اختلاف ناھن. ڪجهه منافق ۽ پارٽي دشمن ماڻھو پ پ ۾ گروپ بندي ۽ اختلافن جون خبرون پکيڙي انتشار ڦھلائي رھيا آھن. ضلعي صدر محمد علي ملڪاڻي جي قيادت تي مڪمل اعتماد آھي. پ پ جي اعلي قيادت جيڪو به فيصلو ڪندي اھو اکين تي رکي قبول ڪنداسين اھڙو اظھار پ پ ضلعي سجاول ۽ ٺٽي جي اڳوڻي صدر ۽ سابق ايم اين اي ارباب وزير احمد ميمڻ دڙو جي محمود واھ واري علائقي ۾ پ پ جي ورڪرن عامر ميمڻ, رمضان ميمڻ, ابو ميمڻ, حنيف ميمڻ, امتياز ميمڻ, مشتاق ميمڻ ۽ ٻين پاران منعقد ڪيل عيد ملن آجياڻي واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ھن چيو ته عمران خان جي حڪومت مڪمل طور تي ناڪام ٿي چڪي آھي.

سازشي قوتون سنڌ ۾ پ پ حڪومت خلاف ڪم ڪري رھيون آھن. پي ٽي آئي ۽ ايم ڪيو ايم ھڪ ئي سڪي جا ٻه پاسا آھن. جيڪي سنڌ کي ٽوڙڻ جون سازشون ڪري رھيا آھن, ھن چيو ته پ پ سنڌ جي وحدت ۽ ٻين حقن جي محافظ آھي. ڪابه سازش ڪامياب ٿيڻ نه ڏيندي. ھن چيو ته پ پ سجاول ضلعي جي تنظيم ضلعي صدر محمد علي ملڪاڻي جي قيادت ۾ مضبوط ۽ منظم آھي. ڪجھ منافق ماڻھو پارٽي ۾ گروپ بندي جو تاثر ڏيئي سازشون ڪري رھيا آھن. جيڪا ڪڏھن به ڪامياب نه ٿيندي. ھن وڌيڪ چيو ته دڙي ۾ سنڌ جي ٻين شھرن کان وڌيڪ ترقياتي ڪم ٿيا آھن. اڃا به ڪجھ ڪم رھيل آھن, جيڪي پڻ مختصر عرصي ۾ جلد ڪرايا پيا وڃن. پ پ جا ڪارڪن ايندڙ بلدياتي چونڊن جي تياري ڪن. ان کان اڳ پيپلز يوٿ سجاول جي ضلعي صدر زاھد حسن کڏو, پ پ اڳواڻ محمد خان ڪڇي ميمڻ, ٽائون ڪائونسلر حاجي خان عباسي, شيرازي گروپ جو اڳواڻ علي اڪبر عيساڻي ميمڻ, عامر ميمڻ ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو. عيد ملن گڏجاڻي ۾ دڙي جي معزز شھرين ۽ پ پ جي نظرياتي ورڪر سڪندر علي عباسي, رشيد دايو, سائين شمس الدين ميمڻ, مينھن وسايو ميمڻ, رجب ميمڻ, عليم زنئور, فاضل سومرو, فقير سجاد ڪڇي ۽ ٻين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. جڏھن ته آجياڻي واري تقريب جي ميزبان عامر ميمڻ, رمضان ميمڻ, ابو ميمڻ ۽ ٻين سمورن آيل مھمانن کي لنگھين ۽ اجرڪن جا تحفا پيش ڪيا.










