ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) پ پ پارليامينٽيرينز سينيٽ چونڊن دوران اُميدوارن کي ٽڪيٽ ڏيڻ لاءِ پارلياماني بورڊ جوڙي ورتو، اڳوڻو صدر آصف زرداري ۽ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري بورڊ جا گڏيل سربراهه هوندا، يوسف رضا گيلاني، فريال ٽالپر، راجا پرويز اشرف، نيئر بخاري ۽ فرحت الله بابر بورڊ ۾ شامل، پارٽيز جا صوبائي صدر ۽ جنرل سيڪريٽريز کي به پارلياماني بورڊ ۾ شامل ڪيو ويو.










