پي پي سنڌ جي سرڪاري وسيلن تي مارچ پئي ڪري، قريشي

پي پي سنڌ جي سرڪاري وسيلن تي مارچ پئي ڪري، قريشي

رتو ديرو(ن سنڌيار)پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پيپلز پارٽي جي لانگ مارچ ۾ سنڌ حڪومت جا سرڪاري وسيلا استعمال ٿي رهيا آهن، پوليس ۽ فائرگيڊ جي گاڏين ۾ پي پي جا جهنڊا ڍويا پيا وڃن. هڪ طرف اسانجو مارچ آهي جيڪو پنهجي خرچ تي جاري آهي، ٻئي طرف سنڌ حڪومت جو سرڪاري مارچ آهي، جنهن ۾ سرڪاري وسيلا استعمال ڪيا پيا وڃن. هي عوامي حقن تي ڌاڙو ناهي ته پوءِ ٻيو ڇا آهي؟ شاهه محمود قريشي چيو ته اين ايف سي ايوارڊ تحت سڄا وسيلا سنڌ حڪومت کي ڏنا ويا آهن، اسان سنڌ ۾ هنن جو حساب ڪتاب وٺڻ آيا آهيون.

عوامي ميڙ کي خطاب ڪندي هن چيو ته سڄي سنڌ کي سهولتون ڏيڻ سنڌ سرڪار جي ذميواري آهي پر افسوس پيپلزپارٽي سنڌ کي کنڊر ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي، سنڌ حڪومت کي جيڪو عوام کي ڏيڻو هو اهو کين ڏيڻ بدران پنهنجي ذاتي ملڪيتون ٺاهي ڇڏيون آهن. هن چيو ته اسان هاڻي سڄي سنڌ جو پيپلزپارٽي کان 15 سالن جو حساب وٺنداسين ، سنڌ ۾ جيڪي پيپلزپارٽي سان وابسته ايم اين اي ۽ ايم پي اي کي پائڻ لاءِ پيرن ۾ جتي نه هئي اهي اڄ لينڊ ڪروزر م گهمن ٿا ۽ اربين جا مالڪ آهن، عوام کي ٻڌائن ته هو پئسا ڪٿان آڻين ٿا هن چيو ته بلاول ڀٽو زرداري چوندو آهي ته عوام کي روزگار ڏنو ويندو15 سالن جي اقتدار دوران سنڌ جي ماڻهن کي ڇا ڏنو آهي، زرداري مافيا اسان جي ننڍڙي حقوق مارچ کان ڊڄي ڪري وائڙائپ جو شڪار ٿي وئي آهي. هن چيو ته اسان کي ڪي پي ڪي ۾ اچڻ وقت ننڍڙو سڏيو ويو، پر اسين پنجاب، آزاد ڪشمير، گلگت بلتستان ۾ عوام جون دليون کٽي حڪومت قائم ڪئي آهي، هاڻي اسين سنڌ ۾ پهتا آهيون. پرڏيهي وزير چيو ته اسان عوام کي زرداري مافيا جي ڪرپشن ۽ نا اهلي عوام جي سامهون آڻڻ لاءِ نڪتا آهيون، لاڙڪاڻي ۾ پيپلزپارٽي کي اسان جي طاقت جي خبر پئجي ويندي. ياد رهي ته پي ٽي آءِ جي حقوق سنڌ مارچ کي اڄ ٽيون ڏينهن آهي، رات جيڪب آباد ۾ گذارڻ بعد رتوديرو ۽ قمبر کان ٿي رات لاڙڪاڻي پهچندو.

پهنجو تبصرو موڪليو