ڪراچي( باغي ساگر پنھوار )سنڌ اسيمبلي جي اپوزيشن ليڊر حليم عادل شيخ جي اڳواڻي ۾ وزيراعلي ھاوس آڏو احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو. اپوزيشن ليڊر پنهنجي پوري ٽيم سان گڏ وزيراعلي ھائوس آڏو ھٿن ۾ پلي ڪارڊ ۽ بينر کڻي سخت نريعبازي ڪري رھيا ھئا. ان موقعي تي اپوزيشن ليڊر حليم عادل شيخ ـ خرم شيرزمان ۽ ٻين چيو ته قاضي احمد لڳ پ پ جي غنڊن ھٿان پنج ڀنڊ برادري جي ڳڀرو ماڻھن کي بيگناھ قتل ڪرڻ سان گڏ ايس ايڇ او عبدالمجيد کھوسو کي به بيگناھ شھيد ڪرايو ويو ھنن چيو ته ھاڻ سنڌ ۾ پ پ جي بدمعاشي بلڪل نه ھلندي ۽ پ پ جي اھڙي ڪريل حرڪت سان پوري سنڌ ۾ سوڳ برقرار آهي پر پ پ جي بدمعاشن جو ڳاٽ اونچو آهي.










