نئون ديرو (شاد محمود ڀٽو)پاڪستان پيپلزپارٽي سٽي نئون ديرو جي صدر سيد ارشد علي شاھ عرف لالڻ شاھ زونگ نيٽ ورڪ جا پئسا ڏيڻ کان انڪار ، ويتر دڪاندار راحب ڀٽو ۽ نذيراحمد ڀٽو کي نئون ديرو ٿاڻي تي لاڪپ ڪرائي ڇڏيو شخصي ضمانت تي آزاد ، ٻي طرف ايزي لوڊ ڪندڙ مٿين دڪاندارن نذير احمد ڀٽو ۽ راحب ڀٽو ، سيد ارشد شاهه خلاف نئون ديرو پريس ڪلب ۾ احتجاج ڪندي چيو ته اسان وٽ ان جو ملازم پئڪيج ڪرائڻ آيو 1800 جو پيڪيج ڪرائي هن 1500 ڏنا ۽ چيائين ته ان کان وڌيڪ مان ڪون ڏيندس.پورا پئسا گهرڻ تان هن اسان کي ناجائز گرفتار ڪرائيو اسان پ پ پ جا پراڻا ڪارڪنن آهيون پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اهڙي ظلم ۽ زيادتي جو نوٽيس وٺي.ٻئي طرف سيد ارشد شاھ عرف لالڻ شاھ کان موقف وٺڻ جي ڪوشش ڪئي سين ته انهن جو نمبر بند ملي رهيو هو.










