ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) پي پي اڳواڻ ۽ بزنيس مين اياز احمد مهر ڊرائيور سميت گذري مان پر اسرار طور گم ٿي ويو آهي. سندس وارثن جو چوڻ آهي ته ٻنهي جا فون ڪالهه منجهند کان بند ملي رهيا آهن. سندس ڀاءُ ڊاڪٽر نويد ڪي ٽي اين جي سکر واري بيورو چيف جان محمد مهر کي ٻڌايو ته سندس ڀاءُ شاپنگ بعد واپس ڳوٺ ايندي پر اسرار طور لاپته ٿيو، جنهن سبب گهر ڀاتي پريشان آهن. ياد رهي ته 2018 ۾ پيپلز پارٽي پاران سينيٽ جي ٽڪيٽ به ملي هئي پر ڪامياب نه ٿي سگهيو هو. اياز احمد مهر مختلف ڪاروبارن سان گڏ سنڌ جو وڏو ٺيڪيدار به آهي. هن جا اڳوڻي ڊي جي آءِ ايس آءِ سان به ويجها لاڳاپا رهيا آهن.










