پي پي اڳواڻ جي ڳوٺ تي ڇاپو 2 گرفتار، صحافي کي ڌڪا

پي پي اڳواڻ جي ڳوٺ تي ڇاپو 2 گرفتار، صحافي کي ڌڪا

وارث ڏنو ماڇي(ن س) ايس ايس پي لاڙڪاڻو جي حڪم تي پوليس پ پ تعلقو رتوديرو جي جنرل سيڪريٽري لالانظر محمد پٺاڻ جي ڳوٺ تي ڇاپو هڻي ٻن ڄڻن رمضان پٺاڻ ۽ نياز پٺاڻ کي گرفتار ڪري کڻي وئي. ڪوريج لاء پھتل ڌرتي ٽي وي جي صحافي حبدار علي بوزدار کان پوليس لوگو ۽ موبائيل کسي کيس دڙڪا ڏنا ۽ ڪوريج کان روڪي ڇڏيو. پ پ اڳواڻ جي سوٽ عزيز پٺاڻ جيڪو منشيات وڪرو ڪندو آھي ان جي گرفتاري لاء چڙھائي ڪئي پر هو فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو