اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي (پي ٽي اي) ورچوئل پرائيويٽ نيٽ ورڪ (وي پي اين) سروس لائسنسنگ شروع ڪري ڇڏي آهي ان حوالي سان جاري ڪيل بيان موجب پي ٽي اي وي پي اين سروسز جي فراهمي لاءِ 5 کان وڌيڪ ڪمپنين کي ڪلاس لائسنس جاري ڪيا آهن، پي ٽي اي پاران لائسنس يافته ڪمپنيون هاڻي قانوني ۽ اختيار ڪيل مقصدن لاءِ وي پي اين سروسز فراهم ڪري سگهنديون. استعمال ڪندڙ هاڻي لائسنس يافته ڪمپنين کان سڌو سنئون رجسٽريشن حاصل ڪري سگهندا. بيان موجب، هن قدم جو مقصد محفوظ ۽ قانوني وي پي اين سروسز جي فراهمي کي منظم ڪرڻ آهي. اهو قدم صارفين جي سهولت، ريگيوليٽري بهتري ۽ سائبر سيڪيورٽي جي واڌاري لاءِ کنيو ويو آهي.










