ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي اطلاعات کاتي واري وزير شرجيل انعام ميمڻ ٽوئيٽر پيغام ۾ چيو آهي ته جيل ڀريو تحريڪ جي ڪاميابي لاءِ سموري قوم دعاگو آهي، پر افسوس تحريڪ جو اعلان ڪندڙن جون ڄنگهون ڏڪي رهيون آهن. هن چيو ته تحريڪ انصاف سنڌ ۾ هن تحريڪ کي مڪمل طور تي ڪامياب ڪرڻ لاءِ اڳتي اچي، اسان سندن ڀرپور مدد ڪرڻ لاءِ تيار آهيون ۽ مفت پِڪ اينڊ ڊراپ سروس به مهيا ڪري سگهون ٿا، پي ٽي آءِ رڳو نالا لکرائي.










