اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جو اهم اجلاس ٿي گذريو، جنهن ۾ پابندي پيل فنڊنگ ڪيس جي روشني ۾ مستقبل جي حڪمت عملي لاءِ مشاورت ڪئي وئي. وفاقي ڪابينا پابندي پيل فنڊنگ جي معاملي تي پي ٽي آئي جي قيادت خلاف پوليٽيڪل پارٽي آرڊر 2002 مطابق ڪاروائي جو فيصلو ڪيو آهي. اجلاس کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي وفاقي وزير اطلاعات مريم اورنگزيب جو چوڻ هو ته وفاقي ڪابينا پابندي پيل فنڊنگ جي معاملي تي پي ٽي آئي جي قيادت خلاف پوليٽيڪل پارٽي آرڊر 2002 مطابق ڪاروائي جو فيصلو ڪيو آهي. مريم اورنگزيب ٻڌايو ته پي ٽي آئي جي قيادت خلاف پوليٽيڪل پارٽي آرڊر 2002 جي آرٽيڪل 2، 6، 15 ۽ 17 تحت ڪاروائي جو فيصلو ڪيو ويو آهي، اليڪشن ڪميشن پي ٽي آئي کي پرڏيهي فنڊنگ تي هلندڙ پارٽي قرار ڏنو آهي. جلد پڌرنامو تيار ڪري سپريم ڪورٽ موڪليو ويندو. وفاقي وزير جو چوڻ هو ته فارن فنڊنگ ڪيس جي جانچ ايف آئي اي کان ڪرائي ويندي. ذريعن جو چوڻ آهي ته اجلاس ۾ وفاقي ڪابينا عمران خان ۽ ٻين اڳواڻن جا نالا اي سي ايل ۾ وجهڻ جي منظوري نه ڏني. ذريعا اهو به ٻڌائن ٿا ته وزير قانون ۽ حڪومتي ٽيم ڪابينا کي اليڪشن ڪميشن جي ٻڌايل فيصلي تي بريفنگ به ڏني، ان دوران وزيراعظم جي هدايت تي گھرو سيڪريٽري ۽ سيڪريٽري قانون کانسواءِ ٻين سڀني بيوروڪريٽس کي اجلاس کان ٻاهر موڪليو ويو.










