اسلام آباد (بيورو) پاڪستان تحريڪ انصاف جي جنرل سيڪريٽري اسد عمر چيو آهي ته تحريڪ انصاف جي صورت ۾ قوم کي مدي خارج ٻه جماعتي نظام کان نجات ملي آهي عمران خان جي اڳواڻي ۾ جدوجهد جا 26 سال ملڪي سياست تي نهايت واضح ۽ چٽا اثر آهن قوم پنهنجي آزادي ۽ خودمختياري جي تحفظ لاءِ تحريڪ انصاف جي باني عمران خان جو سڏ ۾ سڏ ڏي پاڪستان تحريڪ انصاف جي 26هين يوم تاسيس جي موقعي تي اسد عمر پنهنجي خاص پيغام ۾ چيو ته يوم تاسيس جي خوشي جي موقعي تي تحريڪ انصاف جيهر ڪاڪن کي مبارڪ ڏيان ٿو اسان جو 26 سالن جو سياسي سفر لاهن چاڙڻ جو بي مثال داستان آهي هن چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف قوم کي پاڪستان جي بانين جي سياسي ورثي سان واپس ڳنڍيو آهي آزمائش جي هن ڊگهي 26 سالن واري سفر ۾ تحريڪ انصاف سياست تان اشرافيا جي ٺيڪيداري ختم ڪندي جمهور کي مرڪز نگاهه بڻايو هن چيو ته باني چيئرمين جي قيادت ۾ انصاف، انسانيت، ۽ خودداري جي هي تحريڪ پاڪستان جي خودمختياري جي محافظ بڻجي ميدان عمل ۾ سرگرم آهي پوري قوم پنهنجي آزادي ۽ خودمختياري جي تحفظ لاءِ تحريڪ انصاف جي باني عمران خان جي اواز سان آواز ملائي هن چيو ته يوم تاسيس جي موقعي تي پاڪستان کي قائد ۽ اقبال جي تصور جي روشني ۾ مثالي اسلامي فلاحي رياست بنائڻ جو عزم ڪريون ٿا.










