لاهور (ويب ڊيسڪ)پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ عمر ايوب جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ ۾ ڪو به بلاڪ ناهي.لاهور ۾ دهشتگردي ٽوڙ عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي عمر ايوب چيو ته 26هين ترميم جو طريقيڪار غلط هو.هن چيو ته هي مصنوعي حڪومت ملڪ نٿي هلائي سگهي.عمر ايوب جو چوڻ آهي ته ملڪ ۾ افراتفري آهي، بلوچستان جي صورتحال کي ڏسو.










