پي ٽي آءِ ڪراچي سوشل ميڊيا جو سيڪريٽري محمد سلمان لاپتا

پي ٽي آءِ ڪراچي سوشل ميڊيا جو سيڪريٽري محمد سلمان لاپتا

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)تحريڪ انصاف جي ترجمان چيو آهي ته ڪراچي مان پارٽي جو سوشل ميڊيا سيڪريٽري محمد سلمان گم ٿي ويو آهي.ترجمان جو چوڻ آهي ته خاندان موجب محمد سلمان جو موبائل نمبر به بند آهي.ان حوالي سان پي ٽي آءِ جي سوشل ميڊيا سيڪريٽري جي ڀاءُ آرٽلري ميدان پوليس اسٽيشن ۾ درخواست جمع ڪرائي ڇڏي آهي.درخواست ۾ چيو ويو آهي ته سلمان جي دوستن ۽ پيارن جو چوڻ آهي ته آخري رابطو پريس ڪلب ۾ ٿيو هو.درخواستگذار جو چوڻ آهي ته محمد سلمان جي گمشدگي تي اغوا جو ڪيس داخل ڪيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو