پي ٽي آءِ کي 39 شرطن تي اسلام آباد ۾ جلسي جي اجازت

پي ٽي آءِ کي 39 شرطن تي اسلام آباد ۾ جلسي جي اجازت

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)پاڪستان تحريڪ انصاف کي وفاقي راڄڌاني اسلام آباد ۾ جلسي جي اجازت ملي وئي.اسلام آباد جي ضلعي انتظاميا پي ٽي آءِ کي 39 شرطن سان جلسي جي اجازت ڏني، جنهن لاءِ اين او سي به جاري ڪري ڇڏيو.اسلام آباد جي ضلعي انتظاميا عدالتي حڪم تي پي ٽي آءِ کي اجلاس جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي.ڊپٽي ڪمشنر اسلام آباد پي ٽي آءِ کي روات جي ٽي روڊ تي جلسي جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي.پي ٽي آءِ جي درخواست تي فيصلو ٻڌائيندي ڊي سي اسلام آباد اسلام آباد هاءِ ڪورٽ کي آگاهي ڏني.

پهنجو تبصرو موڪليو