اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد جي ضلعي انتظاميا پي ٽي آءِ کي اسلام آباد ۾ جلسي جي اجازت ڏئي ڇڏي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پي ٽي آءِ کي اسلام آباد ۾ جلسي جي اجازت بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.اسٽيٽ ڪائونسل عدالت کي ٻڌايو ته پي ٽي آءِ کي 6 جولاءِ تي ترنول چوڪ ويجهو ريلي ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي آهي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اين او سي جاري ڪرڻ بابت عامر مسعود مغل جي درخواست اڪلائي ڇڏي.










