اسلام آباد)بيورو رپورٽ) تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان خلاف هڪ ٻيو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.فوجي ادارن جي آفيسرن خلاف ڳالهائڻ تي اڳوڻي وزيراعظم عمران خان خلاف رمنا ٿاڻي ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.پي ٽي آءِ چيئرمين خلاف 6 اپريل تي ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي هئي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته عمران خان پنهنجي تقرير ۾ فوجي آفيسرن خلاف نازڪ لفظ استعمال ڪيا، هن آرمي آفيسرن ۽ سندن خاندانن جي زندگين کي خطرو بڻايو.اڳوڻي وزيراعظم خلاف ايف آءِ آر مئجسٽريٽ منظور احمد جي فرياد تي داخل ڪئي وئي آهي.










