پي ٽي آءِ چيئرمين جي گرفتاري سياسي ناهي: مريم اورنگزيب

پي ٽي آءِ چيئرمين جي گرفتاري سياسي ناهي: مريم اورنگزيب

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)سڌ سماءَ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته پي ٽي آءِ چيئرمين جي گرفتاري سياسي ناهي.اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مريم اورنگزيب چيو ته وارنٽ وٺندڙ مٿس حملا ڪندا هئا، جڏهن پي ٽي آءِ چيئرمين کان جواب طلب ڪيو ويندو هو ته ادارن تي حملا ڪندا هئا.مريم اورنگزيب چيو ته ٽرائل ڪورٽ تفصيلي فيصلو جاري ڪيو آهي، پي ٽي آءِ چيئرمين خلاف هڪ سال کان جاچ هلي رهي هئي.هن چيو ته موقعو ملڻ باوجود چيئرمين پي ٽي آءِ توشاخانا ڪيس ۾ ڪوڙ ڳالهائيندو رهيو، عدالت قانوني گهرجون پوريون ڪندي فيصلو ٻڌايو.وفاقي وزير چيو ته جڏهن عوام کي چوري جي خبر پئي ته چور احتساب کان ڀڄندو رهيو، 190 ملين پائونڊ، پرڏيهي فنڊنگ ۽ سيفرنس جي سزا باقي آهي.مريم اورنگزيب چيو ته جڏهن نواز شريف تي الزام لڳا ته هن سپريم ڪورٽ کي خط لکيو هو ته منهنجو احتساب ڪيو وڃي، نواز شريف 150 کان وڌيڪ پيشيون ٿي چڪو آهي ۽ جواب به ڏنو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو