اسلام آباد(بيورو رپورٽ)اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت رمنا ٿاڻي تي داخل 2 ۽ گولاڙچي ٿاڻي ۾ داخل هڪ ڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن.اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت پي ٽي آءِ چيئرمين ۽ ٻين خلاف رمنا ٿاڻي تي داخل 2 ۽ گولاڙچي ٿاڻي ۾ هڪ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.ٻڌڻي دوران پي ٽي آءِ چيئرمين طرفان رمنا ٿاڻي ۾ داخل ڪيسن ۾ حاضري کان ڇوٽ جي درخواست داخل ڪئي وئي.سندس وڪيل سردار ڀرجي خان عدالت کي ٻڌايو ته پي ٽي آءِ چيئرمين کي اڄ لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ٿيڻو آهي، جنهن سبب هو اسلام آباد جي عدالت ۾ پيش نه ٿو ٿي سگهي.اي ٽي سي جي جج ابوالحسنات پنهنجي ريمارڪس ۾ چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين کي عدالت ۾ پيش ٿيڻو پوندو.اي ٽي سي پي ٽي آءِ چيئرمين ۽ ٻين جوابدارن کي 19 جولاءِ تي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪري ورتو.عدالت جڊيشل ڪمپليڪس حملي ڪيس ۾ فرخ حبيب، شبلي فراز ۽ حسن نيازي جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا.










