پي ٽي آءِ پاران 9 تڪن جو چونڊ شيڊول چئلينج

پي ٽي آءِ پاران 9 تڪن جو چونڊ شيڊول چئلينج

اسلام آباد(بيورو)پاڪستان تحريڪ انصاف قومي اسيمبلي جي 9 تڪن لاءِ اليڪشن ڪميشن پاران جاري ڪيل اليڪشن شيڊول کي عدالت ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو آهي.پي ٽي آءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ايڊووڪيٽ فيصل چوڌري جي ذريعي اليڪشن شيڊول معطل ڪرڻ لاءِ الڳ درخواست داخل ڪئي آهي.درخواست ۾ چيو ويو آهي ته پي ٽي آءِ ميمبرن جي استعيفيٰ جي مرحليوار منظوري خلاف درخواست ٻڌڻي هيٺ آهي.پي ٽي آءِ جي درخواست ۾ چيو ويو آهي ته عدالت درخواست تي ٻڌڻي 4 آگسٽ تي ڪري ڇڏي ۽ نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو، تنهن ڪري اليڪشن ڪميشن پاران 5 آگسٽ تي جاري ڪيل شيڊول کي معطل ڪيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو