اسلام آباد (بيورو)پاڪستان تحريڪ انصاف چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا خلاف جڊيشل ڪميشن ۾ ريفرنس داخل ڪري ڇڏيو آهي. بابر اعواڻ جي ثالثي ذريعي داخل ڪرايل ريفرنس ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته چيف اليڪشن ڪمشنر ڄاڻي واڻي بدانتظامي ڪري رهيو آهي ۽ پنهنجا آئيني فرض صحيح نموني ادا نه ڪري رهيو آهي. ريفرنس ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا کي عهدي تان هٽايو وڃي، گذريل مهيني پي ٽي ايم جي وفد چيف اليڪشن ڪمشنر سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ چيف اليڪشن ڪميشن تي دٻاءُ وڌو ويو ته پابندي مڙهيل فنڊنگ تي جلد فيصلو ٻڌايو وڃي. پاڪستان تحريڪ انصاف طرفان داخل ڪرايل ريفرنس ۾ چيو ويو آهي ته پابندي مڙهيل فنڊنگ بابت فيصلو اجلاس جي ڪجهه ڏينهن بعد ئي ٻڌايو ويو.










