ملتان(ويب ڊيسڪ)پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) اڳواڻ شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ڀٽو جو پوٽو ۽ بينظير جو پٽ نواز شريف کان قومي اسيمبلي جون 10 سيٽون وٺڻ لاءِ لنڊن ويو هو.ملتان ۾ ڳالهائيندي شاهه محمود قريشي چيو ته حڪومت عوام جي ڀلائي لاءِ پهريون ڪم نه ڪيو پر پنهنجي ماڻهن جا نالا اي سي ايل مان ڪڍيا.هن چيو ته ڪابينا ۾ اڌ کان وڌيڪ ماڻهو ضمانت تي آهن، 13 پارٽين جو غير فطري اتحاد ٽٽندو.شاهه محمود قريشي چيو ته پي ٽي آءِ پهرين پارٽي آهي جنهن سياسي فنڊنگ متعارف ڪرائي، ڇو ته اسان ملڪيت چوري ناهي ڪئي، اسان پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين کان مدد گهري، هنن هڪ هفتي ۾ 22 ڪروڙ رپيا جمع ڪرايا.










