پي ٽي آءِ پاران اسيمبلي ۾ مشروط واپسي جو اشارو

پي ٽي آءِ پاران اسيمبلي ۾ مشروط واپسي جو اشارو

لاهور(ويب ڊيسڪ)پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) قومي اسيمبلي ۾ مشروط واپسي جو اشارو ڏئي ڇڏيو آهي.لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري چيو ته چونڊن جي تاريخ جو اعلان ٿيو ته پي ٽي آءِ جي اسيمبلي ۾ واپسي ممڪن آهي.فواد چوڌري چيو ته جيڪڏهن حڪومت چونڊن جي تاريخ ڏئي ته هو اليڪشن فريم ورڪ لاءِ ايوان ۾ وڃڻ لاءِ تيار آهن. هن چيو ته راجا رياض جي نامزد ڪيل اليڪشن ڪميشن تحت چونڊون نه ٿيون ٿي سگهن، اليڪشن ڪميشن کي آزاد اليڪشن ڪميشن طور واپس آندو وڃي. هن وڌيڪ چيو ته سمورن معاملن تي ڳالهه ٻولهه جي ضرورت آهي، سياسي پارٽين ۾ رابطا ضروري آهي، وزيراعظم جيڪڏهن اسيمبلي ٽوڙڻ جي تاريخ جو اعلان ڪري ته پوءِ سڀ ڪجهه ممڪن آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو