پي ٽي آءِ وارا عمران خان سان لاتعلقي ڪن،کيس غدار قرار ڏين

پي ٽي آءِ وارا عمران خان سان لاتعلقي ڪن،کيس غدار قرار ڏين

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته پي ٽي آءِ وارا عمران خان سان لاتعلقي جو اعلان ڪندي کيس غدار قرار ڏين، جيئن ايم ڪيو ايم الطاف حسين کي غدار ڏنو هو، اميد آهي ته پي ٽي آءِ وارا به عمران خان کي غدار قرار ڏيندا سنڌ اسيمبلي ۾ خطاب ڪندي وڏي وزير چيو ته سنڌ ۾ وڳوڙ ڪندڙن مان ڪنهن کي به نه ڇڏينداسين وڏي وزير چيو ته پي ٽي آءِ کي اهو فيصلو ڪرڻو آهي ته اها ٽي ٽي پي ٿيڻ چاهيندي يا سياسي جماعت؟ سنڌ اسيمبلي ۾ عمران خان جي گرفتاريءَ کانپوءِ پرتشدد مظاهرن خلاف مذمتي ٺهراءُ به پيش ڪيو ويو صوبائي وزير سعيد غني چيو ته رياستي ادارن جي آفيسن تي حملا ڪيا ويا، سياسي ماڻهو گرفتاري دوران فائرنگ نه ڪندا آهن، عمران خان کي ملڪ تباهه ڪرڻ جو ٽاسڪ مليل آهي

پهنجو تبصرو موڪليو