اسلام آباد)بيورو)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ جي ايم اين ايز جي استعيفيٰ جي مرحليوار منظوري خلاف درخواست تي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي وقتي چيف جسٽس عامر فاروق پي ٽي آءِ ميمبرن جي استعيفيٰ جي مرحليوار منظوري خلاف داخل درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، جنهن تي عدالت قومي اسيمبلي جي اسپيڪر، سيڪريٽري ۽ اليڪشن ڪميشن کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا. عدالت چيو ته سيڪريٽري قومي اسيمبلي جا نمائندا ايندڙ ٻڌڻي تي لاڳاپيل رڪارڊ سميت پيش ٿين. جنهن بعد عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 16 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.










