پي ٽي آءِ جو عمران تي حملي جي ايف آءِ آر لاءِ عدالت وڃڻ جو فيصلو

پي ٽي آءِ جو عمران تي حملي جي ايف آءِ آر لاءِ عدالت وڃڻ جو فيصلو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) تحريڪ انصاف جي چونڊيل ميمبرن کي عمران خان تي حملي جي ايف آءِ آر لاءِ سپريم ڪورٽ وڃڻ جي صلاح ڏني وئي آهي.لاهور ۾ عمران خان جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس جو پڌرنامو جاري ڪيو ويو آهي جنهن موجب تحريڪ انصاف ايف آءِ آر لاءِ سپريم ڪورٽ ويندي.اجلاس کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي عمر سرفراز چيما چيو ته عمران خان جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ حملي جي ابتدائي فرانزڪ رپورٽ پيش ڪئي وئي، جنهن موجب گهٽ ۾ گهٽ 2 حملي آور هئا، پر حتمي فرانزڪ رپورٽ ۾ معلوم ٿيندو ته هٿيار ڪهڙو هو. فائر ڪيو ويو عمر سرفراز چيو ته گورنر راج لڳائڻ رڳو ڀڀڪي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو