اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) گهرو وزارت طرفان جاري ڪيل خط ۾ چيو ويو آهي ته تحريڪ انصاف جي لانگ مارچ تي خودڪش حملي جو خطرو آهي.گهرو وزارت طرفان اسد عمر کي به خط لکيو ويو آهي جنهن ۾ ملڪ ۾ تازو دهشتگردي جي واقعن جو حوالو ڏيندي چيو ويو آهي ته انتهاپسند پارٽيون تحريڪ انصاف جي لانگ مارچ تي دهشتگرد حملو ڪري سگهن ٿيون.خط ۾ چيو ويو آهي ته حملي ۾ ٻاهرين طاقتن طرفان به ڪارروائي جو امڪان آهي. عوامي اجتماعن کي دهشتگردي جو نشانو بڻائي سگهجي ٿو. عوامي اجتماعن ۾ خودڪش يا بم حملو به ٿي سگهي ٿو.گهرو وزارت طرفان جاري ڪيل خط ۾ چيو ويو آهي ته حفاظتي قدمن کي نظر ۾ رکندي تحريڪ انصاف راولپنڊي ۾ عوامي اجتماع کي ملتوي ڪري.










