پي ٽي آءِ فوج خلاف زهريلي پروپيگنڊا ڪئي:حمزهه شهباز

پي ٽي آءِ فوج خلاف زهريلي پروپيگنڊا ڪئي:حمزهه شهباز

لاهور (ويب ڊيسڪ)پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير ۽ مسلم ليگ ن جي نائب صدر حمزه شهباز جو چوڻ آهي ته پرڏيهي فنڊنگ بابت اليڪشن ڪميشن جي فيصلي اصل سازش ڪندڙن کي بي نقاب ڪري ڇڏيو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ حمزه شهباز چيو ته آمريڪي سازش جو وڪرو ڪندڙن آمريڪا ۾ پبلڪ رليشنز فرم کي هائير ڪيو آهي. هن چيو ته عمران نيازي پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي کي ناقابل تلافي نقصان پهچايو آهي، جهڙي طرح لاهور جلسي لاءِ هاڪي اسٽيڊيم جو ٽرف اُڇلايو ويو، ايئن ئي معيشت کي به نقصان پهچايو ويو آهي.حمزا شهباز چيو ته ذاتي سياسي مفادن لاءِ رياستي ادارن کي بدنام ڪرڻ جي مذموم مهم هلائي وئي، عمران خان عوام جي ذهنن ۾ نفرت جا ٻج پوکيا، پي ٽي آءِ جا ٽولا فوج خلاف زهريلي پروپيگنڊا ڪري رهيا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو