اسلام آباد (اياز مهر) چيف اليڪشن ڪمشنر پي ٽي آءِ خلاف غير ملڪي فنڊنگ ڪيس جي ٻڌڻي روزاني جي بنياد تي ڪرڻ واري درخواست منظور ڪري ورتي آهي. گذريل ڏينهن اپوزيشن اڳواڻن اليڪشن ڪميشن تائين مارچ ڪري اليڪشن ڪميشن ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف خلاف غير ملڪي فنڊنگ ڪيس جي ٻڌڻي روزاني جي بنياد تي ڪرڻ جو مطالبو ڪندي درخواست اليڪشن ڪميشن کي ڏني هئي. چيف اليڪشن ڪمشنر جسٽس (ر) سردار رضا ۽ اليڪشن ڪميشن خيبرپختون خواهه جي ميمبر جسٽس (ر) ارشاد قيصر اپوزيشن جي رهبر ڪميٽي جي درخواست تي فيصلو ٻڌايو. ذريعن جو چوڻ آهي ته اليڪشن ڪميشن هدايت ڪئي آهي ته اسڪروٽني ڪميٽي فارين فنڊنگ ڪيس کي جلدي نبيرڻ جو حڪم ڏنو آهي. اپوزيشن جي رهبر ڪميٽي جو چوڻ هو ته 5 سال ٿي ويا آهن پر تحريڪ انصاف جي خلاف تحقيقات مڪمل ناهي ٿي سگهي. ن ليگ اڳواڻ احسن اقبال چيو ته ايندڙ مهيني اليڪشن ڪمشنر ريٽائر ٿي رهيو آهي پي ٽي آءِ ڪوشش ڪري رهي آهي ته جڙيل اليڪشن ڪميشن ختم ٿئي ته جيئن ڪيس جي ڪارروئي غير موثر رهي. هوڏانهن پاڪستان تحريڪ انصاف خلاف غير ملڪي فنڊنگ ڪيس تي وزيراعظم عمران خان گذريل ڏينهن حڪومتي ترجمانن جي اجلاس ۾ چيو آهي ته پارٽي فنڊنگ ڪيس ۾ ڪجهه به ناهي اڳواڻ اطمينان رکن تحريڪ انصاف جي سڀني اڪائونٽن جي آڊٽ رپورٽون موجود آهن. ان کان علاوهه اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پاران حڪمران جماعت پاڪستان تحريڪ انصاف خلاف فارن فنڊنگ ڪيس ۾ اليڪشن ڪميشن جي 10 آڪٽومبر واري فيصلي خلاف داخل ڪيل درخواست تي ٻڌڻي تحريڪ انصاف جي وڪيل جي سپريم ڪورٽ ۾ مصروفيتن سبب ڊسمبر تي پهرين هفتي تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي. ياد رهي ته تحريڪ انصاف جي باغي ميمبر اڪبر ايس بابر تحريڪ انصاف ۾ 23 خفيه اڪائونٽس جي موجودگي جو اليڪشن ڪميشن ۾ ڪيس داخل ڪرايو ۽ ان جو موقف هيو ته پارٽي فنڊنگ ڪيس ۾ تحريڪ انصاف جو ٺهيل محل ڊهي پوندو. اليڪشن ڪميشن 10 آڪٽومبر تي ان ڪيس خلاف تحريڪ انصاف پاران داخل ڪيل درخواستن کي بدنيتي تي ٻڌل قرار ڏنو هو جنهن خلاف پي ٽي آءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪرائي ۽ هاءِ ڪورٽ ڪيس کي ڊسمبر جي پهرين هفتي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو آهي. ٻئي طرف وزيراعظم جي معاون خاص اطلاعات فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته اپوزيشن اليڪشن ڪميشن کي يرغمال بڻائڻ لاءِ اثر اندار ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي جنهن جي اسان مذمت ڪيون ٿا. هن چيو ته اسان تحمل ۽ بردباري جو مظاهرو ڪندي جمهوري طرز عمل اختيار ڪيو ۽ اپوزيشن جي احتجاج جي حق کي تسليم ڪيو.










