اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان تحريڪ انصاف پنجاب ۽ ڪي پي ۾ اليڪشن بابت سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي فيصلي جي آجيان ڪئي آهي شاهه محمود قريشي چيو آهي ته عدليه آئين جو تقدس بحال ڪندي نظريه ضرورت کي دفن ڪري ڇڏيو آهي شاهه محمود قريشي چيو ته اڄ به اهڙا ماڻهو موجود آهن، جيڪي دٻاءُ ۾ نٿا اچن، هاڻي اليڪشن ڪميشن جانبداري ڏيکاري ته قوم ۽ تاريخ معاف نه ڪندي ٻئي پاسي فواد چوڌري سپريم ڪورٽ جي فيصلي کي تاريخي قرار ڏيندي قوم کي مبارڪون پڻ ڏنيون آهن










