ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پي ٽي آءِ پاران سي ايم هائوس آڏو ڌرڻو ختم ڪرڻ جو اعلان، پوليس پاران ڪارڪنن خلاف ڪارروائيون نه ڪرڻ جي خاطري تي احتجاج ختم ڪيو ويو، راجا اظهر جو چوڻ آهي ته پوليس خاطري ڪرائي آهي ته ڪارڪنن خلاف ڪا به ڪارروائي نه ڪئي ويندي، پوليس جي خاطري بعد ڌرڻو ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري رهيا آهيون.










