اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اتحادي حڪومت ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف وچ ۾ ڳالهين جي پهرين دور جي اندروني ڪهاڻي سامهون اچي وئي آهي.ذريعن موجب پاڪستان تحريڪ انصاف حڪومتي وفد آڏو 3 شرط رکيا.ذريعن جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ جو شرط هو ته هن سال مئي ۾ قومي اسيمبلي ۽ ٻئي صوبائي اسيمبليون ٽوڙيو وڃن، 14 مئي کان سواءِ هڪ ئي وقت چونڊون ڪرائڻ لاءِ آئين ۾ ترميم ڪئي وڃي، آئيني ترميم لاءِ تحريڪ انصاف جي استعيفيٰ واپس وٺڻي پوندي. ذريعن جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ اڳواڻن اهو به شرط رکيو ته سڄي ملڪ ۾ هلندڙ سال جولاءِ ۾ چونڊون ڪرايون وڃن.ان حوالي سان وائيس چيئرمين پي ٽي آءِ شاهه محمود قريشي چيو آهي ته اسان پنهنجو موقف مڪمل طور تي حڪومت آڏو پيش ڪيو آهي، ٻن ڪلاڪن جي ڳالهين ۾ پنهنجو نقطو پيش ڪيو آهي، آئين کان ٻاهر حل ممڪن ناهي، ٻيهر اچي وينداسين. سڀاڻي اتي هڪ ميٽنگ ٿيندي.










