پي ٽي آءِ جي 34 ايم اين ايز جي استعيفيٰ منظور، نوٽيفڪيشن جاري

پي ٽي آءِ جي 34 ايم اين ايز جي استعيفيٰ منظور، نوٽيفڪيشن جاري

اسلام آباد (رپورٽ اياز مهر)اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان اڱاري ڏينهن قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف پاران پي ٽي آءِ جي 34 ايم اين ايز جون استعيفائون منظور ڪرڻ بعد ڊي نوٽيفاءِ ڪري ڇڏيو آهي. گذريل سال اپريل ۾ عدم اعتماد جي تحريڪ جي ڪاميابي بعد عمران خان جي برطرفي کانپوءِ پي ٽي آءِ قومي اسمبلي مان اجتماعي استعيفيٰ ڏنيون هيون. جنهن بعد قومي اسيمبلي جي اسپيڪر رڳو 11 استعيفائون منظور ڪيون، باقي ميمبرن کي تصديق لاءِ انفرادي طور طلب ڪيو هو. هاڻي 34 وڌيڪ ميمبرن جون استعيفائون منظور ڪرڻ بعد ڊي نوٽيفاءِ ڪيل پي ٽي آءِ جي ميمبرن جو انگ 45 ٿي ويو آهي. اڄ اليڪشن ڪميشن پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن، ۾ چيو ويو آهي ته هي فوري لاڳو سمجهو وڃي. اڄ ڊي نوٽيفاءِ ڪيل ايم اين ايز ۾ مراد سعيد، عمر ايوب خان، اسد قيصر، پرويز خٽڪ، عمران خٽڪ، شهريار آفريدي، علي امين خان، نورالحق قادري، راجا خرم شهزاد نواز، علي نواز اعواڻ، اسد عمر، صداقت علي خان، غلام مصطفيٰ ميمڻ شامل آهن. سرور خان، شيخ رشيد شفيق، منصور حيات خان، فواد احمد، ثناءُ الله مستي خيل، حماد اظهر، شفقت محمود، ملڪ محمد عامر ڊوگر، شاهه محمود قريشي، زرتاج گل، فهيم خان، سيف الرحمان، محمد عالمگير خان، سيد علي حيدر زيدي. آفتاب حسين صديقي، عطاءُ الله، آفتاب جهانگير، محمد اسلم خان، محمد نجيب هارون ۽ قاسم خان سوري به انهن ۾ شامل آهن. اسپيڪر ۽ اليڪشن ڪميشن جو اهو قدم ان وقت سامهون آيو آهي جڏهن پي ٽي آءِ ڪجهه ميمبرن کي اسمبلي ۾ واپس موڪلڻ جو فيصلو ڪيو هو. فوا چوڌري چيو آهي ته پرويز خٽڪ ۽ عامر ڊوگر تي مشتمل ڪميٽي کي اسين چيو آهي ته هو اسپيڪر سان ملي پي ٽي آءِ جي پارلياماني ليڊر، اپوزيشن ليڊر ۽ پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي چيئرمين جا عهدا اسانجي نامزد ميمبرن کي ڏنا وڃن،

پهنجو تبصرو موڪليو