ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)پاڪستان تحريڪ انصاف ڪراچي جي 10 يوسي چيئرمين ۽ هڪ وائيس چيئرمين جي پارٽي رڪنيت ختم ڪئي وئي.پي ٽي آءِ سنڌ جي صدر حليم عادل شيخ جي ميمبرشپ رد ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو.جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب هنن يوسي چيئرمين ميئر جي چونڊ ۾ پارٽي جي هدايتن تي عمل نه ڪيو.پي ٽي آءِ سنڌ جي صدر حليم عادل نمائندن جي جوابن کي غير تسلي بخش قرار ڏنو.حليم عادل شيخ چيو ته جواب تسلي بخش نه آهن، جواب هڪ ئي آهن.










