پي ٽي آءِ جي نظرن ۾ پهريان نفيس هئاسين : امين الحق

پي ٽي آءِ جي نظرن ۾ پهريان نفيس هئاسين : امين الحق

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير امين الحق هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪستان تحريڪ انصاف تي تنقيد ڪئي آهي. هڪ بيان ۾ ايم ڪيو ايم جي اڳواڻ امين الحق چيو ته پي ٽي آءِ جي نظر ۾ 30 مارچ کان اڳ اسان نفيس ۽ وفادار هئاسين پر پوءِ اوچتو ئي دهشتگرد ۽ بي وفا ٿي ويا. هن چيو ته ايم ڪيو ايم کي ساڍن ٽن سالن کان اتحادي طور قدمن ۾ شامل نه ڪيو ويو، جيڪڏهن وزيراعظم سان ڳالهه ڪري ها ته اسان کي آرام ٿئي ها. امين الحق گذريل حڪومت کي نصيحت ڪندي چيو ته عمران خان ۽ ان جا ساٿي اسان تي تنقيد ڪرڻ بدران پنهنجين خامين تي غور ڪن.

پهنجو تبصرو موڪليو