پي ٽي آءِ غير قانوني فنڊز وصول ڪيا، عمران خان جو بيان حلفي ڪوڙو قرار

پي ٽي آءِ غير قانوني فنڊز وصول ڪيا، عمران خان جو بيان حلفي ڪوڙو قرار

اسلام آباد(بيورو)اليڪشن ڪميشن پاڪستان تحريڪ انصاف جي منع ڪيل پرڏيهي فنڊنگ ڪيس جو فيصلو ٻڌائيندي چيو آهي ته پي ٽي آءِ منع ٿيل فنڊنگ ورتي. اليڪشن ڪميشن جي متفقه فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته ثابت ٿي ويو ته پي ٽي آءِ ممنوع فنڊز ورتو، 13 اڻڄاتل اڪائونٽس سامهون آيا پر پي ٽي آءِ انهن اڪائونٽس بابت ٻڌائڻ ۾ ناڪام وئي، اڪائونٽس لڪائڻ آئين موجب غير قانوني آهي، پي ٽي آءِ 34 پرڏيهين کان فنڊ حاصل ڪيا. متفقه فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته عمران خان فارم ون جمع ڪرايو جيڪو غلط هو، اليڪشن ڪميشن تحريڪ انصاف کي شوڪاز نوٽيس پڻ جاري ڪري ڇڏيو آهي.

اهم فيصلا نقطا
• ثابت ٿيو ته پي ٽي آءِ ممنوع فنڊ ورتي آهي
• 13 اڻڄاتل اڪائونٽ سامهون آيا
• آمريڪا، آسٽريليا ۽ يو اي اي مان امداد ملي ٿي
• پي ٽي آءِ انهن اڪائونٽس بابت ٻڌائڻ ۾ ناڪام وئي
• اڪائونٽس لڪائڻ آئين تحت غير قانوني آهي

پوليٽيڪل پارٽيز ايڪٽ جي آرٽيڪل 6 تحت پرڏيهي فنڊنگ تي پابندي: اليڪشن ڪميشن جو فيصلو

• پي ٽي آءِ 34 پرڏيهين، 351 ڪاروبار ۽ ڪمپنين کان فنڊ ورتي
• پي ٽي آءِ عارف نقوي جي ڪمپني ووٽن ڪرڪيٽ کان ممنوع فنڊنگ ورتي
• عارف نقوي جي ڪمپني مان 21 لک 21 هزار 500 آمريڪي ڊالر جي ممنوع فنڊنگ ورتي وئي.
• ووٽن ڪرڪيٽ لميٽيڊ ابراج گروپ جي ڇنڊ ڇاڻ هيٺ ڪم ڪري رهي هئي
• يو اي ايِ جي ڪمپني برسٽول انجنيئرنگ سروسز کان 49 هزار 965 ڊالر ممنوع فنڊ ورتي.
• پوليٽيڪل پارٽيز ايڪٽ جي آرٽيڪل 6 موجب پرڏيهي فنڊنگ منع آهي

عمران خان جو پارٽي اڪائونٽس بابت بيان حلفي ڪوڙو آهي: اليڪشن ڪميشن

• عمران خان فارم ون جمع ڪرايو جيڪو غلط بياني ۽ ڪوڙ تي ٻڌل آهي
• پارٽي اڪائونٽس بابت ڏنل حلف نامو غلط آهي
• خانگي بئنڪ ۾ کليل ٻنهي اڪائونٽن کي عمران خان پي ٽي آءِ جي نالي تي کوليو هو
• هڪ بئنڪ اڪائونٽ ۾ 8 ڪروڙ کان وڌيڪ ۽ ٻئي ۾ 51 هزار ڊالر هئا
• يو اي اِي قانون خيراتي تنظيمن کي عطيو گڏ ڪرڻ کان منع ڪري ٿو
• فنڊ گڏ ڪرڻ جي اجازت جي ضرورت آهي، اجازت حاصل ڪرڻ ۾ ناڪامي يو اي اِي جي قانون جي ڀڃڪڙي آهي

سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا
اليڪشن ڪميشن ڏانهن ويندڙ رستا بلاڪ ڪيا ويا آهن ۽ اليڪشن ڪميشن ٻاهران پوليس جي وڏي نفري تعينات ڪئي وئي آهي ته جيئن ڪنهن به ايمرجنسي کي منهن ڏئي سگهجي. دستور هاءِ وي تي رڳو سرينا هوٽل ۽ مارگلا روڊ کي داخلا لاءِ کوليو ويو آهي، جڏهن ته نادرا چوڪ وٽ روڊ اليڪشن ڪميشن وٽ ڪنٽينر لڳائي بلاڪ ڪيو ويو آهي.

PTI Funding Case

پهنجو تبصرو موڪليو