اسلام آباد(بيورو رپورٽ)اليڪشن ڪميشن پاڪستان تحريڪ انصاف جي ضمني چونڊن جي تاريخ وڌائڻ جي درخواست رد ڪري ڇڏي.پي ٽي آءِ طرفان اليڪشن ڪميشن ۾ داخل درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي ته ننڍي چونڊ 16 مارچ بدران 19 مارچ تي ڪرائي وڃي.ذريعن موجب اليڪشن ڪميشن پي ٽي آءِ جي درخواست جو جائزو ورتو ۽ موقف اختيار ڪيو ته اسان 60 ڏينهن اندر ضمني چونڊون ڪرائڻ جا پابند آهيون.ذريعن موجب اليڪشن ڪميشن چيو آهي ته ننڍي چونڊ 16 مارچ بدران 19 مارچ تي نه ٿي سگهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته اليڪشن ڪميشن صوبائي حڪومتن کي 16 مارچ تي ضمني چونڊن جي ڏينهن مقامي موڪل جو اعلان ڪرڻ لاءِ خط لکندو.










