اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ پي ٽي آءِ جي درخواست تي ڪنهن به سرڪاري ۽ نجي ملڪيت کي نقصان نه پهچائڻ، جلسو ڪري گهر وڃڻ جي خاطري بعد عدالت جي نائن ۽ ايڇ نائن جي وچ ۾ جيڪا جاءِ آهي ان م جلسو ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي. اٽارني جنرل چيو ته اها جاءِ ننڍي آهي آچر بازار به لڳندي آهي، گرائونڊ ۾ 10 هزار ماڻهو به نه ايندا، پي ٽي آءِ وارا 20 لک ماڻهن جي ڳالهه ڪن ٿا، هنن کي ٻئي ڪنهن کلي جاءِ تي جلسي جي اجازت ڏيو. بابر اعواڻ اها درخواست داخل ڪئي جنهن تي عدالت حڪومت کي ڪميٽي ٺاهڻ لاءِ چيو جنهن بعد ٻنهي ڌرين جي نمائندن ۾ معاملو طئي نه ٿيو ته اختلافي معاملا عدالت آڏو رکيا ويا جنهن بعد پي ٽي آءِ جي خاطرين بعد عدالت ڄاڻايل جاءِ تي جلسي جي اجازت ڏيڻ جو حڪم ڏنو. وڌيڪ تفصيل چيف ڪمشنر جي آفيس ۾ ٻنهي ڌرين جا نمائندا طئي ڪندا. عدالت چيو ته ڇاپا نه هڻو هي پرامن جلسو ڪندا.










