ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)پاڪستان تحريڪ انصاف ڪراچي ڊويزن جي تنظيم کي ٽوڙي ڇڏيو، پي ٽي آءِ سنڌ نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو. نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته نئين تنظيمي سيٽ اپ جو اعلان جلد ڪيو ويندو.پي ٽي آءِ سنڌ جي صدر حليم عادل شيخ صوبي ۾ پي ٽي آءِ جي تنظيم سازي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي……پاڪستان تحريڪ انصاف ڪراچي جي 17 رڪني نگران ڪميٽي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي.پي ٽي آءِ طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن جي متن موجب خرم شير زمان کي نگران ڪميٽي جو ڪوآرڊينيٽر مقرر ڪيو ويو آهي.ڪراچي ڪميٽي ۾ عالمگير خان، عطاءُ الله، فهيم خان، آفتاب جهانگير، ارسلان تاج، سعيد آفريدي، راجا اظهر، مبشر حفيظ، مسرور سيال ۽ ايڊووڪيٽ عبدالوهاب شامل آهن.نوٽيفڪيشن موجب شهاب امام کي نگران ڪميٽي ۾ سيڪريٽري ڪميٽي مقرر ڪيو ويو آهي.










