پي ٽي آءِ جي ايم اين ايز جي استعيفيٰ جي منظوري جي درخواست رد

پي ٽي آءِ جي ايم اين ايز جي استعيفيٰ جي منظوري جي درخواست رد

اسلام آباد(بيورو)سپريم ڪورٽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي اسيمبلي ميمبرن جي استعيفيٰ جي منظوري لاءِ داخل درخواستون رد ڪري ڇڏيون.سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ تحريڪ انصاف جي اسيمبلي ميمبرن جي استعيفيٰ جي منظوري لاءِ درخواستن تي ٻڌڻي ٿي.ياد رهي ته 2015ع ۾ پي ٽي آءِ جي ايم اين ايز جون استعيفائون قبول ڪرڻ لاءِ درخواستون داخل ڪيون ويون هيون.تحريڪ انصاف جي وڪيل حامد خان عدالت کي ٻڌايو ته استعيفيٰ جو معاملو 2013 جي اسيمبلي سان لاڳاپيل آهي، 2013 واري اسيمبلي جو مدو 2018 ۾ ختم ٿي چڪو آهي.چيف جسٽس آف پاڪستان عمر عطا بنديال ريمارڪس ڏنا ته پوءِ اهو معاملو غير موثر ٿي ويو آهي.سپريم ڪورٽ استعيفيٰ جي منظوري لاءِ داخل درخواست غير موثر قرار ڏيندي رد ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو