اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ جي جج طاهر عباس سپرا پي ٽي آءِ باني جا پروڊڪشن آرڊر جاري ڪيا.عدالت اڊيالا جيل جي سپرنٽينڊنٽ کي حڪم ڏنو ته پي ٽي آءِ باني کي 4 اپريل تي عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي.پي ٽي آءِ باني جي وڪيلن پاران عدالت ۾ پيشي جي درخواست داخل ڪئي وئي.ان کان اڳ ساڳئي عدالت پي ٽي آءِ باني 6 ۽ بشرا بي بي خلاف جعلي رسيدن واري ڪيس جي ٻڌڻي 4 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي.










