خان سڀني ڪيسن کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهي: عليما

خان سڀني ڪيسن کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهي: عليما

لاهور (ويب ڊيسڪ)پي ٽي آءِ باني جي ڀيڻ عليما خان چيو آهي ته پي ٽي آءِ باني سمورن ڪيسن کي منهن ڏيندو، هنن پنهنجو فرض سمجهيو آهي ته پي ٽي آءِ باني کي جيل مان نه نڪرڻ ڏنو وڃي،لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي عليما خان چيو ته پي ٽي آءِ جي باني کي پيٽ ۾ درد آهي، عليما خان چيو ته جاچ آفيسر ڪيترائي مهينا گذرڻ باوجود جاچ مڪمل نه ڪري سگهيو، جڏهن جناح هائوس حملي ڪيس جي ٻڌڻي لاءِ جج آيو ته جج موجود نه هو. هن چيو ته جاچ آفيسر ڪڏهن نه ايندو ۽ جج ڪڏهن نه ايندو، 9 مهينن کان ماڻهن کي حراسان ڪيو پيو وڃي، جاچ مڪمل ناهي ٿي رهي.عليما خان وڌيڪ چيو ته ن ليگ جي آفيس کي ساڙڻ جو ڪيس اسان تي داخل ڪيو ويو آهي، مريم نواز کي مسلم ليگ ن جي آفيس، ڪلما چوڪ ۽ ڪور ڪمانڊر هائوس تائين پهچايو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو